رزاق مهر

رزاق مهر

رزاق مهر

رزاق مهر: ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامانگار، رزاق مهر جو پورو نالو عبدالرزاق ولد رانجھو خان مهر هو. هن 20 جولاءِ 1954ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول مراد واهڻ لاڙڪاڻي مان ورتائين، مئٽرڪ 1971ع ۾ ڊي. سي. هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين. بي. اي 1975ع ۾ محمد موسيٰ آرٽس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ ايم. اي (سنڌي ادب) 1979ع ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان ڪيائين.
رزاق مهر لکڻ جي شروعات 1974ع ۾ ڪئي. سندس پهرين ڪهاڻي ’ڪرشن هاٿيءَ جي اڳيان‘ هئي، جنهن کانپوءِ هو مسلسل لکندو رهيو. رزاق مهر جي مقبوليت جو سبب ڪهاڻين سان گڏ ڊراما نگاري به هو. 1991ع ڌاري پي ٽي وي تان پيش ٿيندڙ سندس ڊراما سيريل ’جياپو‘ تمام گھڻي مشهور ٿي. جنهن کانسواءِ پي. ٽي. ويءَ تان سندس ڪيترا ڊراما نشر ٿيندا رهيا، جن ۾: ’وڇوٽيون‘، ’زندگيءَ ڏانهن‘، ’راهه جو پٿر‘، ’سفر‘، ’زخم زندگيءَ جا‘، ’اعتراف‘، ’ڌرتيءَ ڌڻي‘، ’دوري‘ ۽ ٻيا شامل آهن.
رزاق مهر نه صرف ٽي. وي ڊراما، پر اسٽيج ڊراما لکي به پاڻ ملهايو. سندس اسٽيج ڊرامن ۾ ’بد حواس هيڊ ڪلرڪ‘، ’ٽي خانداني بي روزگار‘، ’ايف آءِ آر‘، ’مولوءَ مت وڃائي‘ ڪافي مقبول ٿيا.
رزاق مهر جي ڪهاڻين جو هڪ مجموعو ’سڪون ڪٿي آهي‘ منظرِ عام تي آيل آهي. ڪيترو ئي عرصو لاڙڪاڻي مان جاري ٿيندڙ رسالي ’نئين دنيا‘ جو ايڊيٽر به رهيو ۽ پيشي جي لحاظ کان سنڌيءَ ۾ ليڪچرار هو. هن وڏو عرصو پبلڪ اسڪول ميرپورخاص ۾ درسي خدمتون سرانجام ڏنيون. اتي ملازمت دوران پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏئي، تعليم کاتي سنڌ ۾ ملازمت ڪيائين. هو گورنمينٽ ڪاليج جوهي، قمبر ۽ لاڙڪاڻي ڪاليجن ۾ ليڪچرار رهيو. رزاق مهر کي سنڌي ادبي بورڊ ڪهاڻي ’آڙاهه‘ تي ۽ سنڌ ڪلچرل ائسوسيئيشن سندس ڊراما سيريل ’جياپو‘ تي اوارڊ ڏنا.
رزاق مهر 13 آگسٽ 2003ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه لاڙڪاڻي ۾ آهي.



لفظ رزاق مهرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.07.20  عيسوي

ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ ڊرامانگار، رزاق مهر جو پورو نالو عبدالرزاق ولد رانجھو خان مهر هو. هن 20 جولاءِ 1954ع تي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.


2003.08.13  عيسوي

رزاق مهر 13 آگسٽ 2003ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه لاڙڪاڻي ۾ آهي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چندو لال جئسنگهاڻي
رضوي ماڪن شاهه
حضور بخش صوفي
ايوب عمراڻي
عبدالستار بلوچ
دادا سنڌي
علي نواز آريسر
حداد محمد علي
پنجواڻي رام پروفيسر
سليم الله مخدوم پاٽائي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون